رسول بخش تميمي

رسول بخش تميمي

رسول بخش تميمي

رسول بخش تميمي: سنڌ جو نامور محقق ۽ اديب رسول بخش ولد ميان محمد عمر تميمي، پھرين اپريل 1953ع تي مگرڀين/ مغلڀين، تعلقي جاتي، ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. ھن شروعاتي تعليم پنھنجي شھر جي مغلڀين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، اعليٰ ثانوي تعليم سجاول ڪاليج مان، جڏهن ته ايم. اي (مسلم ھسٽري ۽ اسـلامـڪ ڪـلـچــر) جون ڊگريون ســنـڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان حاصل ڪيون. ناظره قرآن پرائمريءَ جي استاد حافظ محمد خان ٿھيم وٽ پڙھيو.1974ع کان استاد محمد يوسف ٿھيم ۽ پنھنجي دوست محمد نسيم کتريءَ جي ترغيب سان ھن ۾ ادبي ذوق پيدا ٿيو. ان کان پوءِ نامور محقق ۽ تعليمدان استاد عزيز جعفراڻيءَ جي سنگت ۽ صحبت ۾ رھي، ادب سان شغف رکيو. سيد قلندر شاھھ لڪياري، معمور يوسفاڻي، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿي، سيد احسن الھاشمي، محمد سومار شيخ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ جي صحبت ۽ ساٿ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي شفقت ۽ رھنمائيءَ کيس ادبي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. ھن تاريخ، سيرت نگاري، لطيفيات، ترجمي نگاري ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ ڪم ڪيو آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘حضرت شيخ سلامت عرف مغلڀين’، ‘تاريخ جاتي’، ‘محمد رسول الله صلي الله عليھ وسلم’ (سمورو ڪتاب بنا نقطن جي لکيل ۽ صدارتي ايوارڊ يافتھ)، ‘ٺٽو صدين کان’، ‘محمد صلي الله عليھ وسلم ڪارڻي ترارن جي ڇانوَ ۾’، ‘عرب و ھند جا لاڳاپا’ (ترجمو) ، ‘تباھيون طوفان جون’، ‘سيد عبدالھادي عرف جميعل شاھھ گرناري’، ‘سراج السـالـڪيـن’، ‘عـلامـھ عـلــي مـحـمـد مھـيـري’، ‘مـدح رسـول’ (بنا نقطن جي)، ‘ضــرب تمـيـــم’ (شاعري)، ‘تـاريــخ ٺـٽـو’، ‘تـاريــخ جــــت’، ‘تاريخ تميم المعروف ٿھيم’، ‘طرب وطن’، (شاعري: 2018ع) ، ‘تفسير تميمي’ (قرآن شريف جي پاره عمّ جو تفسير بنا نقطن جي) شامل آھن. ان کان سواءِ سندس مختلف موضوعن تي ڪيترا مقالا، مضمون ۽ تاثرات ڪتابن، رسالن، اخبارن وغيره ۾ ڇپجي چڪا آھن. علمي ادبي خدمتن عيوض کيس صدارتي ايوارڊ (1996ع)، مگرڀين ايوارڊ، لاھور ميونسپل ڪارپوريشن يادگار شيلڊ، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم شيلڊ، ڪميونٽي بيسڊ اسڪول جاتي ميموريل شيلڊ، ڪاروان ادب سوسائٽي سنڌ جو اسپيشل ميڊل، ڪاروان ادب سنڌ جو ادبي ايوارڊ، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين پاران مڃتا شيلڊ، ڀٽائي آرٽ سرڪل جاتي طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ، اڪيڊمي آف ليٽرس ڪراچي پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي ايوارڊ، ‘نئين سوچ’ مئگزين ڪراچي جو مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ فيض بخشاپوري ادبي شيلڊ 2011ع ملي چڪا آھن. رسول بخش تميمي ايوان ادب سنڌ، سورھيھ بادشاھھ ادبي فورم، رھبر ادبي سوسائٽي، تنظيم فڪر و نظر سنڌ، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين جھڙين ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهندي، ڪيترن ئي ادبي ميلن، ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي.


لفظ رسول بخش تميميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.04.01  عيسوي

سنڌ جو نامور محقق ۽ اديب رسول بخش ولد ميان محمد عمر تميمي، پهرين اپريل 1953ع تي مگرڀين/ مغلڀين، تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قلندر شاهه لڪياري
گنگا رام سمراٽ
سليم سولنگي
چندو لال جئسنگهاڻي
امر جليل
قابل ڏاهري
حميد ڀٽو
سدورو مل ايم راجپوت
عبدالرزاق قريشي
رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون